انگي حساب

انگي حساب (ڪتاب ):انگريزن جي آئي، ڏيهي ٻولي پڙهائڻ لاءِ سنڌ ۾ اسڪول کليا، جن ۾ ٻين مضمونن سان گڏ رياضيءَ جو مضمون به لازمي پڙهايو ويندو هو. ان ضرورت کي محسوس ڪندي انگريزيءَ مان رياضيءَ جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪيا ويا. انهن کي انگي حساب سڏيو ويو، پهرين ڪرشنا شاستري گوڊبولي جي رياضيءَ تي لکيل ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ 1869ع ڌاري ترجمو ٿيو. ان کان پوءِ انهيءَ نموني تي ضرورت مطابق سڀني ڪلاسن لاءِ جدا جدا ڪتاب لکيا ويا. هيٺ رياضيءَ جي موضوع تي انگريز دور ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل انهن ڪجهه آڳاٽن ڪتابن جو تفصيل ڏجي ٿو، جيڪي دستياب ٿيا آهن


لفظ انگي حسابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو